عبدالواسع ’عبد‘ سُھندڙو

عبدالواسع ’عبد‘ سُھندڙو

عبدالواسع ’عبد‘ سُھندڙو

عبدالواسع ’عبد‘ سُھندڙو: شاعر، محقق ۽ استاد عبدالواسع ‘عبد’ ولد والي ڏنو سُھندڙو، 01 ڊسمبر 1975ع تي ڳوٺ عظيم سُھندڙو، تعلقي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم پنھنجي ڳوٺ، هاءِ اسڪول رستم ۽ ڊگري ڪاليج شڪارپور مان حاصل ڪئي. جڏهن ته ايم. اي (سنڌي ادب، 2007ع) ۽ ايم. ايڊ (2009ع) جون ڊگريون شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪيون.
2001ع کان تعليم کاتي ۾ استاد طور ڪم ڪري رهيو آهي. هن لکڻ جي شروعات 2005ع کان ڪئي. سندس ڪھاڻيون، مضمون، مقالا۽ شاعري ’مھراڻ‘، ’تخيل‘، ’وينجهار‘ ۽ ’عبرت ميگزين‘ ۾ ڇپجي چڪيون آهن. سارين جي فصل لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظن ۽ اصطلاحن تي مشتمل سندس ڪتاب ’ساريالي ٻولي‘، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 2024ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ادبي ڪمن جي مڃتا طور کيس عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاران ڊاڪٽر تنوير عباسي ادبي ايوارڊ (2012ع)، مھراڻ ادبي سنگت شڪارپور طرفان لسانيات تي مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ سنڌي ادبي سنگت رستم شاخ طرفان 2023ع ۾ مڃتا سرٽيفڪيٽ وغيره مليل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.12.01  عيسوي

شاعر، محقق ۽ استاد عبدالواسع ‘عبد’ ولد والي ڏنو سُھندڙو، 01 ڊسمبر 1975ع تي ڳوٺ عظيم سُھندڙو، تعلقي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رودڪي
سيد علي اڪبر شاهه ثاني
پياسي نظر چانڊيو
بشير احمد سومرو
بلال شاهه
توت فقير
اصغر سيتائي
سلطان شاهه:
حميره نور
حاجي عبدالله ڊکڻ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون